اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف ۾ ڏار پئجي ويا، پرويز الاهي عمران کي ڇڏي ويندو:خواجا آصف

بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته عام چونڊون پنهنجي وقت تي ٿينديون، ايندڙ مهيني آرمي چيف جي مقرري به آئين ۽ قانون مطابق ٿيندي، ڏيڍ ٻن مهينن جي ڳالهه آهي، سڀئي شيون واضح ٿي وينديون، نااهلي واري فيصلي بعد تحريڪ انصاف ۾ ڏار پئجي ويا آهن، عمران خان کي پرويز الاهي جو خيال رکڻ گهرجي، متان هو ڪنهن ٻئي پاسي نه هليو وڃي. سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف چيو ته آرمي چيف جي مقرري قانون ۽ آئين تحت ٿيندي، آئين ۽ قانون موجب ٽن سالن بعد مقرري جو وقت ايندو آهي، هر شي قانون ۽ آئين مطابق ٿيندي، گري لسٽ مان نڪرڻ پاڪ فوج جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي. وزير دفاع چيو ته عمران خان چوي ٿو هن ڪو به آئين ناهي ٽوڙيو، اهو به عمران جو ئي چوڻ آهي ته جنهن جي خلاف فيصلو ايندو آهي ان ڪجهه نه ڪجهه ته ضرور ڪيو هوندو آهي، جيڪڏهن گذريل ڏينهن وارو احتجاج ذڪر جوڳو هجي ها ته اهي شام جو ڪال آف نه ڪن ها، ماڻهو ڪڏهن به ريڊ لائن نٿا ٿي سگهن، قانوني ادارا ريڊ لائن آهن. وفاقي وزير اڳڪٿي ڪئي ته ايندڙ ڏينهن ۾ نوان اتحاد ٺهندا، ايندڙ ڪجهه ڏينهن جي حالتن تي عمران خان کي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڇو ته تحريڪ انصاف جي صفن ۾ ڏار پوڻ لڳا آهن، عمران خان سمجهي ٿو ته صورتحال سندس حق ۾ رهندي پر ائين نه ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button