پاڪستانسنڌ

سنڌ جو ناميارو اديب ۽ تعليمدان ڊاڪٽر حبيب الله صديقي لاڏاڻو ڪري ويو

سنڌ جو ناليوارو اديب، ليکڪ، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو اڳوڻو چيئرمين ۽ بيورو آف ڪريڪيوليم جو اڳوڻو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ساھه جي تڪليف سبب 85 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، هن سنڌ يونيورسٽي ھائوسنگ سوسائٽي واري گھر ۾ پساهه پورا ڪيا، سندس جنازي نماز سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي جي قبا مسجد ۾ ادا ڪئي وئي، جڏهن ته مڙهه کي سنڌ يونيورسٽي جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ڊاڪٽر حبيب الله صديقي پهرين جنوري 1937ع تي پاٽ شريف ۾ جنم ورتو، هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ حاصل ڪئي، 1953ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري ٽي ڊي، بي اي ۽ بي ٽي جا امتحان پاس ڪيائين، هن پرائيويٽ تعليم طور ايم اي مسلم هسٽري، ايم ايڊ ۽ سنڌ يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي پڻ ڪئي. حبيب الله صديقي 1953ع ۾ انگريزي ٽيچر مقرر ٿيو، 1962ع ۾ سينيئر انگلش ٽيچر جي حيثيت ۾ مختلف اسڪولن ۾ هيڊ ماستر رهيو، مقرر ٿيا، 1988ع کان 1990ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري رهيو ۽ 1993ع کان 1994ع تائين ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم جي عهدي تي رهيو ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ چيئرمين جي عهدي تي پڻ ڪم ڪيو. 35 ڪتاب لکندڙ حبيب الله صديقي ڪيترائي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button