
پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل مٿيرا خان بلاول ڀٽو زرداري کي عورت سان ڀيٽيندڙ ماڻهن تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي تھ بلاول ڀٽو کي عورت سان ڀيٽيندڙ ماڻهو شرم ڪن، ڇوتھ هو هن دور ۾ نوجوانن جو رول ماڊل آهي. ميڊيا مطابق مٿيرا خان سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ ڄاڻايو آهي تھ ماڻهو پنهنجي چٿرن واري ٻولي ۾ بھ عورت کي ئي نشانو بڻائڻ ۾ ڪسر نٿا ڇڏين، جيڪا صورتحال افسوسناڪ آهي.