
پاڪستاني اداڪارا ثنا چيو آهي تھ مڙس کان طلاق وٺڻ دوران خبر پئي تھ مان مضبوط عورت ناهيان. مٿيرا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ثنا ٻڌايو تھ منهنجي خيال ۾ ماڻهن ۾ همٿ آئي آهي، محفوظ يا خوش نه هجڻ تي اهو تعلق ٽوڙي ڇڏين ٿا، منهنجي خيال ۾ خوشي خاطر تعلق ٽوڙڻ سٺي روايت آهي. هن چيو تھ پنهنجي باقي زندگي کي بهتر بڻائڻ خاطر مون نئين زندگي جي چونڊ ڪئي آهي، اهو حق عورت کي ملڻ گهرجي.