سنڌ

وارهه ويئر هائوس ۾ متاثرن لائي رکيل سامان چوري، هڪ ڄڻو گرفتار

وارهه ۾ نادرا آفيس ويجهو قائم ويئر هائوس جا تالا ٽوڙي لکين روپين جي ٻوڏ متاثرن لا رکيل ٽينٽ، ٿانون جا سيٽ، لائيٽون ۽ راشن چوري ٿيڻ واري واقعي جي اطلاع ملڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر پوليس نفري ساڻ ڪري سامان ڍوئيندڙ هڪ گڏهه گاڏو سامان سميت پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي تالا ٽوڙيندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر وارهه سميع الله وڳڻ ۽ ويئر هائوس انچارج رياض وڳڻ صحافين کي ٻڌايو ته وارهه ويئر هائوس تان رات جي وقت چوري ناهي ٿي، ڇو جو رات جو چوڪيدار موجود هوندو آهي پر ڏينهن جو تالا ٽوڙي چوري ڪئي وئي آهي، هنن ٻڌايو ته 2 جوابدار گرفتار ٿيا آهن، ٻين جي ڳولا جاري آهي، گرفتار جوابدارن خلاف ايف آ آر داخل ڪرائيندس، ڇو ته هڪ گڏهه گاڏو سامان جو ثبوت سميت هٿ ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف شهرين مطالبو ڪيو ته اي سي وارهه سميع الله وڳڻ ۽ سندس عملي کي ڌر بڻائي چوري واقعي جي مڪمل انڪوائري ڪئي وڃي، انتظاميا اصل جوابدارن بدران ٽائون ملازم کي ٻڪرو بڻائي سندس گرفتاري پيش ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button