سنڌ

پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻ عنايت عمراڻي جي گرفتاري خلاف مظاهرا

پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻ عنايت عمراڻي جي گرفتاري خلاف قمبر ۽ قبو سعيد خان ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪيا. ان سلسلي ۾ قمبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو فاطمه فالوئرس جي اڳواڻ محمد جان بروهي، اعجاز بليدي، اياز علي ميرجت، لالا بشير کوسو، رياض گوپانگ، فياض چانڊيو، عارف گوپانگ، راشدبروهي، شاهد گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ٽائرن کي باهيون ڏيئي مظاهرو ڪيو ويو. حيدرآباد ۾ عبدالمجيد قريشي، سرفراز احمد شاهاڻي، اڪبر جهيجو، شهاب شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٻئي طرف قبو سعيد خان پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻن لعل خان زهري، نواز علي بروهي، خادم حسين جمالي، رئيس ڦَوٽو مگسي، مجيد بروهي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻو انتظاميا ونگار وھندي شھيد ڀٽو اڳواڻن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري گرفتاريون ڪري رھي آھي. شھيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻ عنايت حسين عمراڻي کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڪمشنر آفيس لاڙڪاڻي اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button