سنڌ

گڊو مان اغوا ٿيل ٻارڙو بازياب نه ٿي سگهيو، ايس ايس پي وارثن وٽ پهتو

گڊو مان 4 ڏينهن اڳ گهر ٻاهران اغوا ٿيل معصوم ٻار 4 ورهين جو سرفراز خان بازياب نه ٿي سگهيو. وارثن پٺاڻ محلي ۾ احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي. احتجاجي ڪئمپ ۾ پيپلز پارٽي، صحافي برادري، شهر جي سياسي ۽ سماجي شخصيتن ۽ پٺاڻ برادري جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ٻارڙي جي پي شاهه علي خان ڳالهائيندي ڪيو سڄي ڪشمور ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي آهي. گڊو شهر ۾ پوليس اسٽيشن ويجهو پٺاڻ محلي وٽان موٽرسائيڪل تي سوار اڻڄاتل هٿياربندن ٻار کي اغوا ڪري ويا. پوليس جي مهلت ختم ٿيڻ بعد هاڻي پٺاڻ برادري پاران احتجاجي ڪيمپ لڳائي وئي آهي، پوليس ٻن ڏينهن جو مهلت طلب ڪري ورتو آهي، ٻارڙي بازياب نه ٿيڻ جي صورت ۾ گڊو بئراج پل بند ڪيو ويندو. ٻي طرف ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير شيخ، اي ايس پي مرزا بلال احمد، ڊي ايس پي يار محمد رند گڊو ۾ احتجاجي ڪئمپ تي پهچي ڪري معصوم ٻار جي جلد بازيابي جي يقين ڌياني ڪرائيندي شام جو لڳندڙ ڌرڻو ملتوي ڪرائي ڇڏيو. ان موقعي تي ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير شيخ چيو ته اغوا ٿيندڙ معصوم سرفراز خان جي بازيابي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ڪشمور ضلعي جي ٽيم ٻار جي ڳولا جي ڪوششن ۾ آهي. جلد ئي ٻار کي بازياب ڪرايو ويندو، جڏهن ته ٻي طرف احتجاجي ڪئمپ تي موجود وارثن ايس ايس پي ڪشمور کي 24 ڪلاڪن تائين جي ملهت ڏني آهي، جيڪڏهن ٻار بازياب نه ٿيو ته سنڌ-پنجاب دنگ بند ڪري سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button