سنڌ

قبو سعيد خان ۾ ٻوڏ متاثرن جو راشن نه ملڻ خلاف احتجاج

قبو سعيد خان ۾ ٻوڏ متاثرن راشن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان سلسلي ۾ عبدالغفور کوسو، محمد مٺل کوسو، روشن کوسو، عبدالرسول بروھي، مظھر شيخ سميت ٻين دانهيندي چيو آهي ته ٻوڏ سبب اسان جا گھر مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن، گهر اندر پيل سمورو سامان لڙھي ويو آهي. ھنن چيو ته ورلڊ فوڊ پروگرام جو انچارج ڄاڻي واڻي کوسا محلي، شيخ محلي، ڪمالاڻي محلي جي ٻوڏ متاثرن سان ٻه اکيائي ڪندي راشن ڏيڻ کان انڪار ڪري رھيو آھي. ھنن چيو ته ورلڊ فوڊ پروگرام جي انچارج ٽيم ۾ سرڪاري ملازم رکي ڪرپشن ڪري رھيو آھي. ھنن ورلڊ فوڊ پروگرام جي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين راشن فراھم ڪري ٻچن کي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button