سنڌ

قمبر ۾ سستي اٽي جا اسٽال قائم نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

قمبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران سستي اٽي جا اسٽال قائم نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري هٿن ۾ جهنڊا کڻي پريس ڪلب اڳيان سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي عرفان علي گوپانگ، ڪامريڊ شوڪت چانڊيو، وقار شابراڻي، مشتاق احمد چانڊيو ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت سستي اگهه تي اٽو وڪرو ڪرڻ جا سکڻا اعلان ڪري عوام سان مذاق ڪئي آهي. فوڊ کاتي جا عملدار ۽ فلور ملز وارا ملي ڀڳت ڪري ڪرپشن ڪري رهيا آهن، چار لک آبادي واري قمبر شهر ۾ ڪٿي به اٽي جو اسٽال موجود ناهي، جيڪو غريب مسڪين ماڻهن سان وڏو ظلم آهي. هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته نااهل عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري سستي اگهه تي اٽي جا اسٽال فوري طور تي قائم ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button