پاڪستان

ڀرپور جواب ڏئي سگهان ٿو پر ملڪ ۽ ادارن خاطر ماٺ آهيان: عمران خان

تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ لاهور مان شروع ٿي ويو، جنهن جي آخري منزل اسلام آباد هوندي، پارٽي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته وات کوليم ته ملڪ جو نقصان ٿيندو، جيڪڏهن چاهيان ته ڊي جي آ ايس آ کي جواب ڏئي سگهان ٿو پر ملڪ جي خاطر خاموش آهيان. لاهور جي لبرٽي چوڪ تي لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ لا گڏ ٿيل تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته آ ايس آ جي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته اسان سياست نه ڪندا آهيون، ان کان وڌيڪ سياسي پريس ڪانفرنس ته شيخ رشيد به ناهي ڪندو. عمران خان چيو ته توهان پريس ڪانفرنس ۾ اڻ ڌريا نه رهيا، سڄو نشانو ئي مان هئس، توهان چورن جي ٽولي جي ڳالهه ڇو نه ڪئي؟ آئون اهي ڳالهيون به ڄاڻان ٿو پر فقط ملڪ ۽ ادارن خاطر ماٺ آهيان، ملڪ جو نقصان نٿو چاهيان ان ڪري نٿو ڳالهايان، آئون نواز شريف جهڙو ناهيان جيڪو هتي خاموش رهيو پر لنڊن وڃي فوج خلاف تنقيد شروع ڪيائين، منهنجو ته جيئن مرڻ پاڪستان ۾ آهي، آزاد ملڪ لا سگهاري فوج گهرجي، فوج جي ڪمزوري سان ملڪ ڪمزور ٿيندو آهي، اسان جي تنقيد تعميري ۽ توهان جي بهتري لا آهي. پي ٽي آ سربراهه چيو ته مان گهڻو ڪجهه چئي سگهان ٿو ۽ توهان کي جواب ڏئي سگهان ٿو پر ادارن کي ڪمزور ڪرڻ نٿو چاهيان، مون اڄ ڏينهن تائين ڪو غير آئيني ڪم ناهي ڪيو، فقط شفاف چونڊون چاهيان ٿو. ٻئي طرف اڇرا ۾ ڪنٽينر تي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان قانون جي بالادستي ۽ انصاف تي ٻڌل معاشرو چاهيون ٿا، ڇاڪاڻ ته هن وقت ملڪ ۾ طاقتور ماڻهن لا الڳ انصاف آهي، جڏهن ته جيلن ۾ اهي ماڻهو وڌا ويا آهن، جن سائيڪل يا ڪبوتر چوري ڪيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اربين رپيا لٽيندڙن کي وزيراعظم بڻايو ويو، ظلم جو معاشرو نٿو هلي سگهي، گوالمنڊي ۾ پيدا ٿيندڙ هاڻي پنهنجو پاڻ کي برطانوي راڻي جو مائٽ ظاهر ڪرڻ لڳا آهن، چورن ۽ ڌاڙيلن جا هينڊلر ٻڌي وٺن، اسان توهان کي قبول نه ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button