شوبز

ننڍپڻ غربت ۾ گذريو، مڙس کان وڌيڪ امير آهيان: ايمان علي

پاڪستاني اداڪارا ايمان علي انڪشاف ڪيو آهي تھ سندس ننڍپڻ تمام گهڻي غربت ۾ گذريو آهي، ايستائين جو نوان ڪپڙا وٺڻ جيترا پيسا بھ نھ هوندا هئا. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن ٻڌايو تھ ماڻهن ۾ مون بابت اهو غلط تاثر پيدا ڪيو ويو آهي تھ خرچ پورا ڪرڻ خاطر مون امير ماڻهو سان شادي ڪئي، پر حقيقت اها آهي تھ مان مڙس کان وڌيڪ امير آهيان. هن چيو تھ شادي جو خرچ مون پاڻ ڪيو، گهر بھ ٺاهيو، هڪ بيماري هجڻ سبب سوشل ميڊيا کان پري رهندي آهيان، نھ تھ لکين رپيا روز ڪمايان ها. هن چيو تھ والد عابد علي جي گهر ۾ تمام گهڻي غربت ڏٺي، لنڊي جا ڪپڙا بھ پاتا آهن، ڪاروبار ۽ بچت ڪرڻ سبب مون پيسا گڏ ڪيا آهن، جيڪي وقت تي ڪم ايندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button