شوبز

سارا خان، مهوش، جنت مرزا، آئمھ ۽ فيروز خان اهم پيسا ايوارڊ کٽي ويا

پاڪستان جي اهم ترين پيسا ايوارڊ ۾ اداڪارائن سارا خان، مهوش حيات، جنت مرزا، آئمھ بيگ ۽ فيروز خان اهم ڪيٽيگرين ۾ ايوارڊ کٽي ورتا آهن. ميڊيا مطابق دبئي ۾ ٿيل ايوارڊ تقريب ۾ پاڪستاني شوبز ستارن جلوا ڏيکاري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، جن ۾ اقرا عزيز، هانيھ عامر ۽ ٻيون اداڪارائون شامل آهن. ايوارڊ کڻڻ جي ڊوڙ ۾ بهترين ٽڪ ٽاڪ ايوارڊ جنت مرزا، بهترين اداڪار فيروز خان (عشقيھ)، محب مرزا (دشمن جان)، بهترين اداڪارا ۾ سارا خان (ثبات) ايوارڊ کنيا آهن. جڏهن تھ مهوش حيات ڪنٽريبيوشن آف فلم جو ايوارڊ ماڻيو، بهترين ڊرامي جو ايوارڊ پيار ڪي صدقي کي مليو آهي. اهڙي ريت هدايتڪار جو ايوارڊ فاروق رند کي ڏنو ويو. سونيا حسين پهريون ڀيرو ايوارڊ ملڻ تي جذباتي ٿي وئي ۽ اکين مان لڙڪ ڳڙي پيس، عتيقھ اوڍو ۽ احمد علي بھ پيسا ايوارڊ حاصل ڪيا آهن. اهڙي ريت ڊرامي پيار ڪي صدقي سڀني کان وڌيڪ ايوارڊ حاصل ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button