
برازيل جي مشهور ڳائڻي ماريليا ميڊونسا جهاز جي هڪ حادثي ۾ فوت ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق ڄاڻايل هوائي حادثو رياست جي ڏکڻ اوڀر واري علائقي ۾ پيش آيو آهي، جنهن ۾ چار ٻيا ماڻهو پڻ زندگي وڃائي ويٺا آهن. جڏهن تھ ماريليا ميڊونسا جي فوت ٿيڻ جي سرڪاري اختيارين تصديق ڪئي آهي.