شوبز

پاڪستان ۾ قائداعظم بعد سٺو سربراهه ناهي مليو: انور مقصود

پاڪستاني ڊرامن جي مشهور ليکڪ ۽ مزاح ۾ منفرد انداز رکندڙ انور مقصود چيو آهي تھ پاڪستان ۾ قائداعظم بعد سٺو سربراهه ناهي مليو. ميڊيا مطابق انور مقصود جي هڪ وڊيو ڪلپ وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ هو ملڪي حالتن تي مزاحيا انداز ۾ ڳڻتي ڏيکاري رهيو آهي ۽ مزاح ۾ ئي کريون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. هن جو چوڻ هو تھ جيڪڏهن ڪو هڪ اڌ سٺو سربراهه آيو بھ تھ ان کي هٽايو ويو آهي. هن چيو تھ ملڪ 75 سالن جو ٿي ويو آهي، ترقي جي حوالي سان اهي سال ڪافي هوندا آهن، پر اسان وٽ بجلي کان ٽماٽر تائين ڪا شئي پيدا نٿي ٿئي، رڳو ٻار ئي پيدا ٿي رهيا آهن. هن چيو تھ جيڪڏهن 75 سالن جي عمر ۾ ٻار پيدا ٿي رهيا آهن تھ مطلب ملڪ طاقتور آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button