شوبز

شرمين چنائي پاران سنڌ ۽ بلوچستان جي عورتن جي پروگرام جو اعلان

پاڪستان جي آسڪر ايوارڊ ماڻيل فلم ميڪر شرمين عبيد چنائي پنهنجي پراڊڪشن هائوس پٽاخا پڪچر جي بيٽر هيٺ سنڌ ۽ بلوچستان جي عورتن کي فلم ميڪنگ جي تربيت جي پروگرام جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا مطابق شرمين عبيد چنائي جي پٽاخا پڪچر پاران عورتن کي فلمن جي تياري جي تربيت ڏني ويندي. ان کان شرمين چنائي سڄي ملڪ ۽ دنيا جي مختلف عورتن کي ان پروگرام تحت تربيت ڏئي چڪي آهي. هوڏانهن مينٽورشپ نالي پروگرام جي ٽئين سلسلي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي عورتن جي چونڊ ٿي آهي، جنهن تحت ٻنهي صوبن مان 20 عورتن کي فلم ميڪنگ کي چونڊيو ويو، جيڪي هن تربيت ذريعي 10 فلمون پڻ تيار ڪنديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button