
ايران جي مشهور اداڪارا ترانا علي دوستي مهسا اميني جي پوليس هٿان تشدد ۾ قتل جي واقعي بعد جاري احتجاج جي حمايت ڪندي يڪجهتي طور پنهنجي هڪ تصوير اسڪارف بنا شيئر ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق اداڪارا ترانا علي دوستي آسڪر ايوارڊ کٽيندڙ فلم دي سيلز مين مان شهرت ماڻي هئي. ترانا علي دوستي ڪردش ٻولي ۾ پلي ڪارڊ لکي ان سان گڏ تصوير شئي ڪئي تھ مداحن سندس قدم کي ساراهيو آهي.