هالي ووڊ جي ڏکڻ آفريقي اداڪارا چارليز ٿيرون مقامي طور پهرين ترجيح ۾ ڳالهائيندي ويندڙ آفريقانز کي مرندڙ ٻولي چوڻ تان تنقيد جو شڪار بڻجي وئي آهي. ميڊيا مطابق چارليز ٿيرون تازو ڏنل هڪ انٽرويو دوران اباڻي ٻولي کي لاڀ نھ ڏيندڙ ۽ فضول قسم جو بھ چئي ڇڏيو آهي. چارليز ٿيرون جو چوڻ هو تھ آفريقانز هاڻ ڊچ آبادڪارن کان بھ هيٺين سطح تي آهي، اها هاڻ وسرندي پئي وڃي، اوهان کي آفريقانز ڪا مدد نٿي ڏئي سگهي. هوڏانهن مداحن جي وڏي تعداد چارليز ٿيرون کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو تھ ڏکڻ آفريقا ۾ آفريقانز رنگ ۽ نسل جي متڀيد کان هٽي هر ماڻهو ڳالهائي ٿو، جن جو تعداد ڪروڙن ۽ لکن ۾ آهي، پر چارليز تنهنجي مهرباني تو ان کي فضول سڏيو، ان کان وڌيڪ کان توهين ناهي ٿيندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close