ملڪ جو مشهور ڪاميڊين طارق ٽيڊي بيماري سان جهيڙيندي پنهنجي مداحن کان وڇڙي ويو آهي. ميڊيا مطابق ڪاميڊين طارق ٽيڊي جگ جي بيماري ۾ مبتلا هو، جنهن کي نازڪ حالت ۾ لاهور جي مقامي اسپتال ۾ علاج خاطر داخل ڪيو ويو هو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن شوبز دنيا جي ماڻهن ۾ طارق ٽيڊي جي لاڏاڻي تي ڏک جي لهر پکڙجي وئي آهي. هوڏانهن اطلاعات کاتي جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب طارق ٽيڊي جي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو تھ طارق ٽيڊي پنجابي فلمن ۾ شاندار ڪم ڪيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close