
پاڪستاني اداڪارا عروا حسين ۽ سندس مڙس فرحان سعيد جي فلم ٽچ بٽن جو لاهور ۾ پريميئر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مداح جي رش نظر آئي آهي. ميڊيا مطابق فلم ۾ عروا حسين ۽ سندس مڙس فرحان سعيد سان گڏ سونيا حسين، ايمان علي، فيروز خان ۽ ٻين مک ڪردار ادا ڪيا آهن.

جڏهن تھ فلم ڪرونا وبا اچڻ سبب تمام گهڻي دير جو شڪار ٿيڻ بعد 25 نومبر تي سينيمائن ۾ رليز ٿيندي. هوڏانهن فلم جي معاوضي تان سونيا حسين ۽ عروا وچ ۾ لفظن جي ڏي وٺ پڻ ٿي چڪي آهي.