
بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا ۽ سياستدان جيا بچن سوال ڪيو آهي تھ ڀارت ۾ اڪثر عورتون آخر اولهه جو لباس ڇو ٿيون پايئن. ميڊيا مطابق جيا بچن بچن پنهنجي ڌي ۽ ڏوهٽي نيا نويلي نندا سان سوالن جوابن جو سيشن ڪندي چيو تھ منهنجي خيال ۾ اسان جون اڪثر عورتون اولهه جي لباس کي خودمختياري جي علامت سمجهي پائينديون آهن، پر اها سوچ غلط آهي. هن چيو تھ منهنجي خيال ۾ ڀارت جي پڙهيل لکيل عورت وٽ زندگي گذارڻ جا ٻٽا معيار آهن. عورت جو ٻيو دشمن ناهي، پر اها پنهنجي دشمن پاڻ آهي.