
پاڪستاني اداڪارا رمشا خان ۽ سجل کان علحدگي وارن افواهن هيٺ آيل احد رضا مير وچ ۾ سوشل ميڊيا تي هڪ دلچسپ ۽ معنيٰ واري ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جنهن تي مداح مونجهاري جو شڪار ٿي ويا آهن. ميڊيا مطابق سماجي رابطن واري ايپ تي ڪمنٽس واري باڪس ۾ احد رضا مير رمشا خان کي سمورا ڪمنٽس پڙهڻ جو مشورو ڏئي ٿو ۽ آف لائين ٿي ويندو آهي، جنهن تي رمشا خان کيس مخاطب ٿي چوي ٿي تھ نھ پڙهنديس، تون آن لائين ٿي مون سان ڳالهيون ڪر تھ بهتر ٿيندو.