شوبز

جمائمھ کي ويب سيريز دي ڪرائون ڪاوڙائي ڇڏيو

پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي زال جمائمھ گولڊ سمٿ کي ويب سيريز دي ڪرائون جي ڪهاڻي ڪاوڙائي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق جمائمھ گولڊ سمٿ کي ويب سيريز جي ڪهاڻي نھ وڻي آهي، تنهنڪري هن سيريز جي 5 سيزن لکڻ باوجود ان جي شوٽنگ تي عدم اطمينان ڏيکاريو آهي. ان حوالي سان جمائمھ گولڊ سمٿ جو چوڻ آهي تھ مون سيريز جي ٽيم کي چئي ڇڏيو آهي تھ ليکڪا طور منهنجو نالو هٽايو وڃي. هن چيو تھ ڪهاڻي منهنجي اميدن وٽان نھ پئي ڏيکاري وڃي، تنهنڪري ڌار ٿي وئي آهيان. هوڏانهن سيريز جي ترجمان جو چوڻ هو تھ جمائمھ سان ليکڪا طور شموليت جو معاهدو نھ هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button