
پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪ جوڙي ڪنول آفتاب ۽ سندس مڙس ذوالقرنين والدين بڻجي ويا آهن. ميڊيا مطابق ڪنول آفتاب ۽ سندس مڙس ذوالقرنين سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي مداحن کي آگاهي ڏني آهي تھ اهي والدين بڻجي ويا آهن. ڪنول آفتاب جي ٻار کي جنم ڏيڻ ۽ امڙ بڻجڻ باوجود ان پاڻ يا سندس مڙس پنهنجي ٻار جي جنس بابت ڪابھ ڄاڻ فراهم نھ ڪئي آهي. هوڏانهن شوبز شخصيتن ٻنجي کي مبارڪون ڏنيون آهن.