
پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا سجل علي بالي ووڊ جي ليجنڊ شبانا اعظمي ۽ هدايتڪار شيکر ڪپور سان گڏ پنهنجي يادگار تصوير شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو آهي تھ اها منهنجي خوشنصيبي آهي جو مون کي ٻن وڏين شخصيتن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. مداحن سندس سوچ کي ساراهيو آهي.