
پاڪستان جي سينيئر اداڪارا ۽ ڳائڻي سلما آغا چيو آهي تھ مون کي بھ پهريون ايوارڊ فلم فيئر مليو هو ۽ منهنجي نياڻي زارا کي بھ اهو ئي پهريون ايوارڊ مليو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ منهنجي نياڻي منهنجو فخر آهي. ياد رهي تھ زارا بالي ووڊ جي ڪيترين ئي فلمن ۾ گيت ڳائي مڃتا ماڻي آهي.