
بالي ووڊ جي اداڪارا جيڪولين فرنانڊس ڪاسميٽڪ سرجري خلاف بيان ڏيڻ تان تنقيد جو نشانو بڻجي وئي آهي. ميڊيا مطابق جيڪولين جي پراڻي وڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ ڪاسميٽڪ سرجري کي حسن جي مقابلي خلاف قرار ڏئي ٿي، جنهن بعد مداحن تنقيد ڪندي چيو تھ تو پاڻ ڇو ڪاسميٽڪ سرجري ڪرائي آهي.