هالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪيٽ ونسليٽ چيو آهي تھ عورت 40 ورهين بعد وڌيڪ پرڪشش ٿيندي آهي. عورتن جي عمر جي حوالي سان منعقد هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪيٽ ونسليٽ جو چوڻ هو تھ عمر جو وڌڻ عورت توڙي مرد ۾ فطري عمل آهي، پر عورت بابت اهو تصور آهي تھ عمر وڌڻ بعد ان کي ڪئين هجڻ گهرجي. هن ٻڌايو تھ منهنجي خيال ۾ عورت 40 ورهين جي ڄمار بعد وڌيڪ مضٻوط، عورتاڻن نمونن ۽ حسن ۾ پرڪشش ٿيندي آهي. هن چيو تھ مان 47 ورهين جي آهيان، پر پاڻ کي سماج جي تصورن جيان نٿي محسوس ڪيان.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close