شوبز

سجل جي کيل کيل ۾ پاڪستان خلاف ڀارتي سازش وائکي

پاڪستاني اداڪارا سجل علي جي فلم کيل کيل ۾ پاڪستان خلاف ڀارتي سازش وائکي ڪئي وئي آهي. ميڊيا مطابق سياسي موضوع تي ٺيهل هن فلم ۾ بلوچستان مان پڪڙيل ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن يادو کي بھ ڏيکاريو ويو آهي. جڏهن تھ بلوچستان ۾ ڀارتي مداخلت جا قصا فلم جو حصو بڻيا آهن. جڏهن تھ ڍاڪا جي علحدگي بابت شاگردن ٿيٽر پيش ڪيو، جنهن تي انهن کي مخالفت ڏسڻي پئي آهي. فلم ۾ بنگلاديش جي ٺهڻ ۽ اتي ڦاسي پيل پاڪستانين جي حالت جا منظر پيش ڪيا ويا آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ اهو سڀ ڪجهه فلم جي جاري ڪيل ٽريلر ۾ ڏيکاريو ويو آهي، پر ڪهاڻي رهيل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button