شوبز

دپيڪا ۽ ڪنگ خان جي گاني بي شرم رنگ تي بھ تڪرار

بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا دپيڪا پڊوڪون ۽ ڪنگ آف رومانس شاهه رخ خان جي فلم پٺان جي رليز ڪيل نئين گاني بي شرم رنگ تي بھ تڪرار اڀري آيا آهن، جنهن بعد بائيڪاٽ پٺان گينگ وري سرگرم ٿي وئي آهي ۽ انهن پٺان جي بائيڪاٽ جو نعرو نئين سر بلند ڪري ورتو آهي. هوڏانهن رليز ڪيل گاني ۾ دپيڪا پڊوڪون کي پاتل زعفراني رنگ واري بولڊ لباس تي انتهاپسند ڪاوڙجي پيا آهن ۽ انهن چيو آهي تھ هي رنگ بيشرم ناهي. جڏهن تھ هندو انتهاپسندن دپيڪا کي پاتل بولڊ لباس کي مذهبي رنگ قرار ڏئي تنقيد ڪئي ۽ چيو تھ افغاني پٺاڻ زعفراني لبا ڇهريل دپيڪا جو جنسي استحصال ڪن پيا. هوڏانهن وڏي تعداد ۾ مداحن جوڙي جي منظرنگاري کي ساراهيو ۽ چيو تھ ڇا رنگ بھ ملڪيت ٿيندا آهن، ڪجهه ماڻهو ان تي بھ مذهب جي ڇاپ پيا هڻن، جيڪو غلط آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button