
پاڪستان جي خوبصورتي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ شوبز سندرين برائيڊل فيشن ڪائوچر ويڪ ۾ ريمپ تي ڪيٽ واڪ ڪري ڏسندڙن مٿان حسناڪين جي وڄ ڪيرائڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي. ميڊيا مطابق برائيڊل فيشن ڪائوچر ويڪ جي موقعي تي حريم فاروق، صدف ڪنول، اشنا شاهه، صبور علي، منال خان ۽ ٻين سندرين دلڪش انداز ۾ ريمپ تي واڪ ڪري حسين ادائن جا جلوا ڏيکاري ماحول کي منڊي ڇڏيو آهي. جڏهن تھ علي انصاري، احسن محسن پڻ پنهنجي زالن سان گڏ واڪ ڪندي نظر آيا آهن.