
پاڪستان جي پهرين پاپ ڳائڻي نازيا حسن جي مڙس اشتياق بيگ پنهنجي سالي زوهيب حسن خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق اشتياق بيگ لنڊن ۾ عدالت ۾ درخواست ڏئي زوهيب حسن پاران زال نازيا جي موت بابت مٿس لڳايل الزامن کي رد ڪيو ۽ انصاف جي گهر ڪئي آهي. ياد رهي تھ نازيا ڪينسر جي بيماري ۾ فوت ٿي هئي، جنهن جو ڊيٿ سرٽيفڪيٽ لنڊن جي پوليس جاري ڪيو هو. جڏهن تھ زوهيب موت غيرفطري ڄاڻائي ڀيڻويي خلاف الزام لڳايا هئا.