شوبز

پرڻيل مردن ۾ ڪڏهن بھ دلچسپي ناهي ورتي: عائشا عمر

پاڪستاني اداڪارا عائشا عمر ڪرڪيٽر شعيب ملڪ سان افيئر وارين خبرن کي رد ڪندي چيو آهي تھ مون پرڻيل مردن ۾ ڪڏهن بھ دلچسپي ناهي ورتي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن اهو پڻ چيو تھ شادي شدا مرد سان تعلقات رکڻ جو سوچي بھ نٿي سگهان، افيئر وارين خبرن تي هن چيو تھ شعيب ملڪ ۽ منهنجو فوٽو شوٽ مڪمل طور تي پروفيشنل آهي، جنهن جون تصويرون بھ آن لائين شيئر ڪيون هيون. هن جو چوڻ هو تھ پڇڻ چاهيان ٿي تھ افيئر جي صورت ۾ ڇا ڪو ماڻهو ائين تصويرون رکندو آهي. هن چيو تھ ڀارتي ميڊيا کي محسوس ٿيو آهي تھ ثانيا ۽ شعيب ۾ ڏار پوڻ جو سبب مان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button