
بالي ووڊ اداڪارا سوارا ڀاسڪر ڀارتي جيل ۾قيد سماجي ڪارڪن عمر خالد جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. سماجي رابطن واري اڪائونٽ جي جاري ڪيل بيان ۾ سوارا ڀاسڪر چيو آهي تھ عمر خالد نالي نوجوان جيل ۾ رڳو ان ڪري قيد آهي جو هن امن، محبت، اتحاد ۽ آئيني قدرن جي حوالي سان ڳالهايو آهي. هن چيو تھ ضمانت ختم ٿيڻ بعد عمر خالد وري جيل هليو ويو آهي، جيڪا ناانصافي آهي.