رانديون

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ فيصلائتي ٽيسٽ اڄ کان شروع، ٻئي ڪپتان پرعزم

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻي، آخري ۽ فيصلائتي ٽيسٽ ميچ اڄ کان شروع ٿيندي، جنهن ۾ ڪاميابي جو ٻهي ڪپتانن عزم ڪيو آهي. ميڊيا مطابق ڪراچي ۾ ئي رٿيل ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ڪيويز ۽ گرين شرٽس پاران کٽڻ جي حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي. جڏهن تھ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيم مينيجمينٽ پهرين ٽيسٽ وارو اسڪواڊ ساڳيو رکيو آهي، ذريعن موجب پليئنگ اليون بابت حتمي فيصلو اڄ ڪيو ويندو. هوڏانهن ٻي ٽيسٽ کٽيندڙ ٽيم سيريز جي فاتح پڻ بڻجي ويندي، اهم ڳالهه اها آهي تھ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي پوائيٽس لا بھ هي ٻنهي ٽيمن خاص ڪري پاڪستان جي حوالي سان اهم قرار ڏني پئي وڃي. هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪين وليمسن چيو تھ ٻي ٽيسٽ بابت ڪنڊيشنز ڏسي تياري ڪئي، پاڪستان وٽ تيز بالنگ جو ٽيلنٽ حيران ڪندڙ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button