رانديون

بگ بيش ليگ ۾ برسبين هٿان سڊني سڪسرز کي شڪست

بگ بيش ليگ جي جاري مقابلن ۾ برسبين هيٽ 15 رنسن تان سڊني سڪسرز کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق برسبين هيٽ مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن تي 224 رنسون ڪيون، جنهن ۾ ناٿن مڪسويني 84 ۽ جوش برائون 62 رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن تھ سڊني سڪسرز موٽ ۾ 209 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ جيمس ونس ۽ جارڊن سلڪ 41، 41 رنسن سان نمايان رهيا. برسبين هيٽ جي بالرن مائيڪل نيسر 3، مارڪ اسٽيڪٽي، ميٿيو خنيمن ۽ روز وائيٽلي 2،2 وڪيٽون وٺي پاڻ ملهايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button