شوبز

سجل علي ڪردار ڪشي کي سماج جو اونداهو پاسو قرار ڏئي ڇڏيو

پاڪستاني اداڪارا سجل علي ڪردار ڪشي کي سماج جو اونداهو پاسو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق سجل علي سماجي رابطن واري اڪائونٽ تي پوسٽ شيئر ڪري سوشل ميڊيا تي خاص طور ٿيندڙ چٿرن ۽ ٺٺول واري صورتحال تي ڳالهايو آهي. سجل علي لکيو تھ افسوس سان چوڻو پوي ٿو تھ اسان جي سماج جي اخلاقي ڪري پئي آهي. هن چيو تھ ڪنهن ماڻهو جي ڪردار تي آڱر کڻڻ انساني قدرن جي خراب ترين شڪل هوندي آهي. هوڏانهن مداحن جي وڏي اڪثريت سجل علي کي چٿرن جو نشانو بڻائيندي چيو آهي تھ ذهني طور غريب ڇوڪري کي اڪيلو ڇڏيو. جڏهن تھ ڪجهه ماڻهن نامناسب لفظن جو بھ استعمال ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button