شوبز

تنيشا جي دوست شيزان خان جا گهرڀاتي بھ ميدان تي اچي ويا

بالي ووڊ فلمن ۽ ڀارتي ڊرامن جي آپگهات ڪندڙ مشهور اداڪارا تنيشا شرما جي دوست شيزان خان جي گهرڀاتي ميدان تي اچي ويا آهن. ميڊيا مطابق شيزان خان جي والدا، ڀينرون فلڪ ناز، شفق ناز ۽ وڪيل پريس ڪانفرنس ڪندي شيزان تي لڳايل الزامن کي غلط قرار ڏنو آهي. شيزان جي والدا چيو تھ تنيشا جي والدا کان سوال آهي تھ تنيشا ۽ شيزان ٻئي معصوم آهن، اوهان جي نياڻي آپگهات ڪري ڇڏيو.، ڇا اهو چاهيو ٿا تھ شيزان بھ آپگهات ڪري ڇڏي. فلڪ ناز چيو تھ تنيشا مٿان مذهب بدلائڻ جو زور ڪنهن وڌو، شيزان تي الزام غلط آهن. هوڏانهن تنيشا شرما جي موت کان اڳ جي شيزان جي والدا سان ڳالهه ٻولهه بھ ليڪ ٿي وئي آهي، جنهن ۾ تنيشا شيزان جي والدا کي امي ۽ ڀيڻ کي آپي چوندي ٻڌي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button