شوبز

خبر ناهي تھ مڙس مون سان شادي ڇو پيو لڪائي: راکي ساونت

ڀارتي اداڪارا راکي ساونت عادل خان سان ڳجهي شادي رچائڻ بعد لاڳيتو ميڊيا جي خبرن جو مرڪز بڻيل آهي، ڇوتھ ڪڏهن تھ سندس زارو قطار روئڻ تھ ڪڏهن وري سندس مذهب تبديل ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ وڊيوز وائرل ٿي رهيون آهن، پر هن ڀيري راکي ساونت شادي بعد پريشاني جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو تھ مون کي خبر نٿي پوي تھ آخر ڇو مڙس مون سان پنهنجي شادي کي لڪائي رهيو آهي. هن چيو تھ مان هندستان ۾ رهان ٿي، هتي طالبان جي حڪومت ناهي، رات جو ٽين بجي اٿي سوچيان ٿي تھ مڙس ڇو قبول نٿو ڪري. هن چيو تھ مون پنهنجو لباس بدلايو، انداز مٽايو، برقعو بھ پائڻ لڳي آهيان، ان هوندي بھ عادل انڪاري آهي، مشهور شخصيت سان ڇو پيو شادي کي لڪائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button