شوبز

ڀارتي سڄي دنيا ۾ مذاق جو موضوع بڻجي ويا آهن: رتنا پاٺڪ

بالي ووڊ جي تڪراري موضوعن کي بحث هيٺ آڻڻ جي سگهه رکندڙ اداڪارا ۽ پروڊيوسر رتنا پاٺڪ فلم پٺان جي بائيڪٽ تي ڳالهائيندي چيو آهي تھ فلمن جي بائيڪاٽ واري وڌندڙ رجحان سبب ڀارتي سڄي دنيا ۾ مذاق جو موضوع بڻجي ويا آهن. ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو تھ اسين هن وقت ڇا پاتو، ڇا چيو، مطلب ڪهڙو ٿيو، ڇو توهين ٿي، ڪئين ٿي جهڙن روين جو شڪار آهيون. خبر ناهي تھ اسين ڇا ڪري رهيا آهيون، ڇا اهڙي گهٽيل ماحول ۾ آرٽ زندا رهي سگهي ٿو. هن چيو تھ جاندار اسڪرپٽ ملڻ جو انتظار هو، جيڪو هاڻ ختم ٿي ويو، گجراتي فلم ڪڇ ايڪسپريس ۾ ڪم ڪيو، جنهن ۾ مون جديد سس جو ڪردار ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button