شوبز

فلم ايوري ٿنگ ايوري ويئر ڪرٽڪس چوائس جا 5 مک ايوارڊ ٻوهاري ورتا

ڪرٽسڪ چوائس 2023ع جا ايوارڊ ڏنا ويا آهن، جن ۾ فلم ايوري ٿنگ ايوري ويئر آل ايٽ ونس 5 مک ايوارڊ ٻوهاري ورتا آهن. ميڊيا مطابق ايوري ٿنگ ايوري ويئر آل ايٽ ونس بهرين فلم، ڊينيل ڪوان ۽ ڊينيل شينرٽ بهترين هدايتڪار، انجيلا بيسٽ معاون اداڪار، اسڪرين پلي ۽ ايڊٽنگ جا ايوارڊ کٽي باقي فلمن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. جڏهن تھ اوتار بهترين وزيوئل افيڪٽس جو ايوارڊ کٽيو،

اداڪارا امنڊا سيفريڊ ڪرٽڪس چوائيس ايوارڊ سان گڏ پوز ڏيندي

بيلڪ پينٿر جي انجيلا بيسٽ معاون اداڪارا ۾ ڪامياب ٿي آهي. اهڙي ريت ڪيٽ بلانچيٽ فلم تار ۾ بهترين اداڪارا قرار ڏني وئي، برينڊن فرازر دي ويل ذريعي بهترين اداڪار جو ايوارڊ کٽي ورتو آهي. فلم ٽاپ گن سنيميٽوگرافي ۾ ڪاميابي ماڻي، زينڊيا وري ڊرامن جي اداڪارا طور ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button