شوبز

مودي بي جي پي ڪارڪنن کي فلمن تي تبصرن کان روڪي ڇڏيو

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي بي جي پي جي ڪارڪنن کي ڊرامن، فلمن ۽ سوشل ميڊيا هلندڙ بحثن ۾ تبصرن کان روڪي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق نريندر مودي پارٽي جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي اجلاس ۾ شاهه رخ خان ۽ دپيڪا پڊوڪون جي فلم پٺان جو نالو وٺڻ بنا ئي اهم گائيڊلائين جاري ڪئي ۽ ڪارڪنن کي تبصرا نھ ڪرڻ جي هدايت ڪندي اهم گائيڊلائين جاري ڪئي آهي. هوڏانهن ميڊيا کي جاري ڪيل وڊيو ۾ شاهه رخ خان دپيڪا پڊڪون ۽ جان ابراهم جي صلاحيتن جي تعريف ڪئي ۽ چيو تھ بي شرم جهڙي گاني ۾ رڳو دپيڪا جهڙي ادڪارا پرفارم ڪري سگهي ٿي. هن چيو تھ مون ايڪشن هيرو بڻجڻ جو خواب پٺان ۾ پورو ڪيو آهي، جنهن جي حوالي سان جان ابراهم کان گهڻو ڪجهه سکيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button