
بالي ووڊ فلمن جي سپر اسٽار شاهه رخ خان جي نياڻي سهانا خان ۽ اداڪار سنجي ڪپور جي نياڻي شانيا ڪپور دبئي ۾ موجود آهن، جتي انهن آمريڪي ماڊل ڪينڊل جنر سان گڏ هڪ پارٽي ۾ شرڪت ڪئي آهي. ميڊيا مطابق سهانا خان ۽ شانيا ڪپور جي ڪينڊل جنر سان گڏجي پارٽي ۾ شرڪت ڪرڻ واريون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن. جڏهن تھ شانيا ڪپور جي والدين پڻ سندس ڪينڊل جنر سان گڏ وڊيو شيئر ڪيون آهن.