رانديون

ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو فائنل 8 جون تي لنڊن ۾ ٿيڻ جو امڪان

آئي سي سي جي ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو فائنل 8 جون تي لنڊن ۾ ٿيڻ جو امڪان ڏيکاريو ويو آهي. ميڊيا مطابق ٽيسٽ چيمپيئن شپ کيڏڻ جي حوالي سان اڃا تائين فائنلسٽ ٽيمن کي حتمي شڪل نھ ملي آهي، پر امڪان آهي تھ ڀارت بھ فائنل ۾ ڪواليفائي ڪري وٺندو. ذريعن جو چوڻ آهي تھ ڀارت جي فائنل کيڏڻ جي صورت ۾ موسم سندس رانديگرن جي حوالي سان انتهائي مناسب آهي. هوڏانهن اوول ۾ امڪاني طور رٿيل فائنل 8 جون کان 12 جون تائين متوقع آهي ۽ برسات جي صورت ۾ هڪ ڏينهن اضافي پڻ رکيو ويو آهي. پوائينٽ ٽيبل تي آسٽريليا پهرين ۽ ڀارت ٻي پوزيشن تي آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button