
بالي ووڊ جي اداڪارا اٿيا شيٽي ۽ ڀارتي ڪرڪيٽر ڪي ايل راهل شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا آهن. ميڊيا مطابق اٿيا شيٽي ۽ ڪي ايل راهل گذريل ڏينهن ميندي واري رسم ادا ڪئي آهي، جنهن جون وڊيوز ليڪ ٿي ويون آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ليڪ ٿيل وڊيو ۾ اٿيا ۽ ڪي ايل راهول سنگيت واري رسم ۾ اڇي لباس ۾ شريڪ ٿيندي نظر آيا. هوڏانهن اجي ديوگن سميت ڪيترن ئي اداڪارن سنيل شيٽي کي نياڻي جي شادي ٿيڻ جي مبارڪ ڏني آهي.