
بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪرينا ڪپور خان ڪوڪلتا لتريچر فيسٽيول جي تقريب ۾ شرڪت دوران شاهه رخ خان جي فلم پٺان جو نالو وٺڻ بنا چيو آهي تھ فلمن جي بائيڪاٽ واري گوڙ ۾ اسين ماڻهن کي ڪيئن تفريح ڏئي سگهنداسين. هن جو چوڻ هو تھ ڪلچرل پروگرامن ۽ بالي ووڊ جي بائيڪاٽ سان متفق نٿو ٿي سگجي، ڇوتھ ان سان ماڻهو خوشين کان محروم ٿيندا، فلمون ئي آهن، جن مان ماڻهو زندگي جون ننڍيون ننڍيون خوشيون حاصل ڪندا آهن.