
پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي زال جمائما گولڊ سمٿ انڪشاف ڪيو آهي تھ پاڪستان ۾ رهڻ دوران والدين پاران پنهنجي ٻارن جا رشتا ڪرائڻ واري روايت کان متاثر ٿيس. خانگي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو تھ اڳوڻي مڙس سان گڏ گذاريل ڏينهن والدين جي مضموط روايتن کي ڏٺو هو. هن چيو تھ مان پاڪستان ۾ اڳوڻي مڙس جي والدين، ڀيڻن انهن جي مڙسن سميت 24 فردن تي ٻڌل خاندان ۾ گڏ رهيس، جتي تمام گهڻيون منفرد روايتون ڏٺيون. جڏهن تھ والدين جي مرضي وارين شادين کي بھ ڏٺو، اهي ڪامياب رهيون، مون کي ان روايت متاثر ڪيو. هن چيو تھ محبت شادي ٿيڻ بعد ٿيندي آهي جو موضوع مون کي فلم ٺاهڻ جو خيال اتان ئي مليو هو.