شوبز

پاڪستان جو ڀارت ۾ رٿيل فلم فيسٽيول ۾ سرڪت کان انڪار

پاڪستان جي حڪومت ڀارت ۾ رٿيل فلم فيسٽيول ۾ سرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق شنگهائي ڪارپوريشن ۽ آرگنائيزيشن جو فلم فيسٽيول ڪالهه کان ڀارت ۾ شروع ٿيو آهي، جيڪو اڱاري 31 جنوري تائين جاري رهندو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ شنگهائي ڪارپوريشن ۽ آرگنائيزيشن جو فلم فيسٽيول ڀارت ۾ اڱاري تائين جاري رهندو. جڏهن تھ پاڪستان جي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ، پاڪستان ۽ ڀارت ۾ سياسي ڇڪتاڻ سبب فلم فيسٽيول ۾ شرڪت نھ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، بيان موجب پاڪستاني فلمساز فيسٽيول ۾ ثقافت کي پيش ڪرڻ جو موقعو سمجهن ٿا، جيڪي اهو موقعو نھ ملڻ تي مايوس بھ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button