شوبز

پٺان جنون بڻجي وئي، ڀارت ۾ 4 ڏينهن اندر 213 ڪروڙ جو بزنس

بالي ووڊ جي سپر اسٽار شاهه رخ خان جي فلم پٺان جنون بڻجي وئي، رڳو ڀارت ۾ 4 ڏينهن اندر 213 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪري ڪمائي جي نئين تاريخ لکي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق فلم ڇنڇر جي ڏينهن تي 52 ڪروڙ جو بزنس ڪري رجزيي نگارن کي حيران ڪري ورتو آهي، جنهن بعد مقامي طور بزنس 213 ڪروڙ رپين کان وڌي ويو آهي، جنهن سان پٺان ڪيترائي رڪارڊ ٽوڙيا آهن، جن فلم باهو بلي جو 6 ڏينهن ۾ 200 ڪروڙ ۽ ڪي جي ايف ٽو جو 5 ڏينهن ۾ 200 ڪروڙ ڪمائڻ وارو رڪارڊ شامل آهي. هوڏانهن هر گذرندڙ ڏينهن تي فلم شاهه رخ خان جي مداحن جو جنون بڻجندي پئي وڃي، جنهن دوران ڪيترن ئي شهرن جي سينيمائن ۾ بدنظمي پيدا ٿي آهي ۽ مداحن سينمائن جي اسڪرين وٽ اچي بيشرم رنگ ۽ جهومي جو پٺان وارن گانن تي جهومندي رقص ڪيو، جنهن سان سينيمائن جي ملڪيتن کي نقصان ٿيڻ جا اطلاع آهن. ٻئي پاسي سينيما مالڪ نئين صورتحال تي پريشان ٿي ويا آهن. جڏهن تھ شاهه رخ خان مداحن کي محفوط رهي فلم ڏسڻ جي اپيل پڻ جاري ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button