شوبز

پٺان جو ڀارت ۽ آمريڪا ۾ راڄ، بزنس ساڍا 5 ارب ٿي ويو

بالي ووڊ جي سپر اسٽار شاهه رخ خان جي 5 ڏينهن اڳ رليز ڪيل فلم پٺان جو ڀارت ۽ آمريڪا ۾ راڄ قائم ڪري ورتو آهي، جنهن عالمي طور تي ساڍا 5 ارب رپين جو بزنس ڪري ڪيترائي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتا آهن. بالي ووڊ جي فلم رليز جي 5 ڏهاڙي تي بھ 65 ڪروڙ رپيا ڪمائي ڀارتي باڪس آفيس جي نئين تاريخ لکي ورتي آهي. باڪس آفيس جي انگن اکرن موجب ڀارت جي باڪس آفيس تي پٺان 280 ڪروڙ ڪمائي فلمي تاريخ کي بدلائي ورتو آهي، جيڪا هاڻ عامر خان جي دنگل جو 287 رپين جو بزنس پوئتي ڌڪڻ واري آهي. هوڏانهن نارٿ آمريڪا ۾ پٺان بلاڪ بسٽر اوتار 2 کي بھ بزنس ۾ پوئتي ڌڪڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button