شوبز

پٺان عالمي طور 600 ڪروڙ کان وڌيڪ بزنس ڪري ورتو

بالي ووڊ جي ڪنگ آف رومانس شاهه رخ خان جي فلم پٺان عالمي طور 600 ڪروڙ کان وڌيڪ بزنس ڪري ورتو آهي، جيڪو هڪ رڪارڊ آهي. ميڊيا مطابق دپيڪا پڊوڪون، شاهه رخ خان، جان ابراهم جي مک ڪاسٽ تي ٻڌل فلم رليز جي 6 ڏينهن ۾ رڳو ڀارت اندر 305 ڪروڙ جو بزنس ڪيو آهي، جنهن ۾ هندي ورزن 295 ڪروڙ جو بزنس آهي، باقي ڪمائي تيلگو ۽ تامل ٻولين ۾ ڪئي وئي آهي. باڪس آفيس جي ماهر رميش ڀلا جو چوڻ آهي تھ فلم آساني سان 600 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ بزنس ڪيو آهي، اميد تھ اها تڪڙو ئي مقامي طور 400 ڪروڙ ڪلب ۾ اچي ويندي. هوڏانهن فلم هندي ورزن ۾ 290 ڪروڙ ڪمايا، پهرين سومر تي 25 ڪروڙ جو بزنس ڪيو. شاهه رخ خان، دپيڪا ۽ جان ابراهم سان ميڊيا ٽاڪ ۾ ٻڌايو تھ اسان دوستن کي فون ڪالز ڪري مسس گهري، جن فلم جي پرامن رليز ۾ مدد ڪئي ۽ مداحن بھ پيار ڏنو، جنهن تي سندن ٿورائتو آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button